ماضي جي شاهوڪار شهر ڪيٽي بندر جي ڪجهه ترقي جا امڪان

0
301
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

اسماعيل ميمڻ ٺٽي مان لکي ٿو

 جيڪڏهن ٺٽي ۽ ان جي شهرن کي تاريخي پسمنظر ۾ ڏسجي ته ٺٽي جي اڪثريتي شهرن جي هڪ وڏي اهميت رهي آهي، جيڪا هن وقت به تاريخ جي ڪتابن جي بابن ۾ پڙهي ويندي آهي. ان حوالي سان ٺٽي جي تاريخي اهميت رکندڙ سامونڊي شهر ڪيٽي بندر به آهي، جيتوڻيڪ ڪيٽي بندر جو هاڻوڪو شهر 1910ع کان بعد وارو اڏيل چوٿون شهر آهي، ان کان اڳ ڪيٽي بندر جو پھريون شھر 1857ع ، ٻيون شھر ڪيٽي بندر جو 1877ع ۽ ٽيون ڪيٽي بندر جو شھر 1910ع ڌاري سمنڊ جي لاڳيتي اڳتي وڌڻ ڪري ٻڏي ويو ھو ۽ هاڻوڪو جيڪو شهر ڪيٽي بندر جو جيڪو رنگ بند ۾ هن وقت گھيريل آهي، اهو 1910ع کانپوءِ جو آباد ڪيل نئون چوٿون ڪيٽي بندر شھر آهي جنهن کي پڻ هن وقت 111 سال ٿيا آهن. ماضي جي انهي 1910ع کانپوءِ واري قائم ڪيل ڪيٽي بندر شهر جي شاهوڪاري جو اهو هڪ تاريخي مثال آهي ته ڪيٽي بندر شهر جي ميونسپل ، جنهن ڪراچي ميونسپل کي به 10 لک رپيا قرض طور ڏنا هئا جيڪي شايد ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن هن مهل تائين ڪيٽي بندر کي واپس به ناهن ڪيا.
ماضي جو شاهوڪار ترين شهر ڪيٽي بندر جي زوال جو ڪارڻ سنڌوءَ تي بئراجن جي اڏجڻ ۽ خاص ڪري ڪوٽڙي بئراج ( غلام محمد بئراج ) جي اڏجڻ بعد پاڻي جي گھٽ مقدار ۾ ڇوڙ سبب سمنڊ جو مسلسل اڳتي وڌڻ ۽ ڪيٽي بندر تعلقي جي 42 ديھن مان 28 ديھن جي سمنڊ جي پاڻي ھيٺ اچي ھميشه لاءِ زميني ايراضي جي ختم ٿيڻ ڄاڻايو ويو آھي، جنهن ڪري ڪيٽي بندر شهر پنهنجو ماضيءَ وارو شاهوڪاري عروج برقرار رکي ناهي سگھيو پر وري ايئن به ناهي جو ماضي جي تاريخي اهميت جي حامل شهر ڪيٽي بندر شهر کي ڪو وساريو ويو آهي. ڪيٽي بندر کي ٻيهر اوج ڏيارڻ لاءِ خاص ڪري پ پ جي حڪومتي دورن ۾ ضرور ڪيٽي بندر جي موجوده حالت زار ۾ بهتري آڻي هتان جي رهواسين کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءَ ورتا ويا آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 1994ع واري حڪومتي دور ۾ پڻ ڪيٽي بندر کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هڪ وڏو منصوبو جوڙي ڪيٽي بندر ۾ پورٽ جي قيام کان ويندي ساڍا 5 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي هڪ وڏي بجلي گھر جو منصوبو جوڙيو هو، جنهن جو پڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي انهي حڪومتي دور ۾ ڪيٽي بندر اچي حجامڙو ڪريڪ ۾ بنياد رکيو هو ۽ ان سان گڏ انڊسٽريل زون جي قيام جهڙا منصوبا شامل ڪيا هئا ته وري پ پ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه پڻ ڪيٽي بندر جي ٽڪي ريگيوليٽر کان ڪيٽي بندر شهر تائين 1994ع ۾ ئي ان وقت 37 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان 10 ڪلوميٽر رستو ڪيٽي بندر تائين جوڙايو جيڪو هن وقت 27 سالن جي گذرڻ باوجود بهتر صورت ۾ قائم آهي. اها ٻي ڳالھه آهي ته جڏهن به ٻي ڪنهن پارٽي جي حڪومت آئي آهي ته اڳوڻي حڪومت جا جيڪي به عوام جي ڀلائي وارا منصوبا هئا انهن کي ختم ڪري وري پنهنجا ذاتي نوعيت جا منصوبا جوڙي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. تنهن ڪري شهيد بينظير ڀٽو وارو ڪيٽي بندر کي 1994ع ۾ ترقي يافته شهرن ۾ آڻڻ وارو خواب 1996ع کانپوءِ نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ بعد ساڀيان نه ٿي سگھيو ۽ ڪيٽي بندر منصوبي لاءِ رکيل جيڪي به پئسا هئا نواز شريف اهي پئسا ڪيٽي بندر رٿا کي ختم ڪري لاهور ، اسلام آباد موٽر وي تي لڳائي ڪيٽي بندر جي ترقي واري باب کي بند ڪري ڇڏيو.
اها به ڳالھه واضح آهي ته 2008ع وارين چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ جڏهن پ پ جي حڪومت آئي ته وري ڪيٽي بندر کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ذوالفقار آباد جهڙي منصوبي تي ڪنهن حد تائين ڪم جي شروعات ٿي جنهن ۾ ڪوسٽل هاءِ وي جيڪو ڀنڀور کان ٻوهارا تائين ٺاهيو ويو آهي ته وري موجوده هلندڙ پ پ جي حڪومت ۾ ڪيٽي بندر گھوڙاٻاري جي صوبائي تڪ پي ايس 78 جي چونڊيل عيوضي حاجي علي حسن زرداري پڻ ڪيٽي بندر شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۽ هتان جي رهواسين جي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ٺٽي جي سامونڊي تڪ پي ايس 78 کي ڏٺو وڃي ته هلندڙ پ پ حڪومت جي ٽن سالن جي عرصي اندر تڪ جي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ذريعي 30 سالن جي ڊگهي عرصي بعد ڪيٽي بندر ۾ 18 ڪروڙ 72 لک روپين جي ماليت سان هڪ وڏي پيئڻ جي صاف پاڻي جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏياري وئي آهي جيڪا هن وقت ڪيٽي بندر شهر جي شهرين ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي رهواسين لاءِ هڪ وڏي نعمت قرار ڏني پئي وڃي. جڏهن ته گھوڙاٻاري ڪيٽي بندر جي 31 سم نالن جون کاٽيون ڪرائڻ ، ڳاڙهو کان جوهو ۽ ڪيٽي بندر تائين 19 ڪلوميٽر کان مٿي رستو تعمير ڪرائڻ ، ڳاڙهو ٻگھاڻ تائين رستي جي مرمت ڪرائڻ سميت 15 کان مٿي ڳوٺن شهرن کي ڳنڍيندڙ رستن جي اڏاوت توڙي گھوڙاٻاري جي بنيادي صحت يونٽ کي تعلقا اسپتال جو درجو ڏياري ان جي عمارت جي اڏاوت لاءِ رقم رکرائڻ ۽ ڪيٽي بندر شهر جي رنگ بند جي مضبوطي لاءِ مرمتي ڪم ڪرائڻ سان گڏ ڪيترن ئي ڪيٽي بندر جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪم ڪرايا پيا وڃن. شايد ايترا ڪم ان کان اڳ ڪڏهن به ناهن ٿيا جيڪي پ پ جي هاڻوڪي حڪومتي دور ۾ ڪيٽي بندر ۽ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۽ شهرن ۾ ترقياتي ڪمن کي اهميت ڏئي ڪرايو پيو وڃي. جنهن ڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته ماضي جي شاهوڪار شهر ڪيٽي بندر کي اهو سندس ماضي وارو دور جيڪو سنڌوءَ جي پاڻي جي منجھس اچڻ ڪري مليو اهو هن وقت ڪوٽڙي بئراج جي هيٺاهين پاسي سنڌوءَ ۾ پاڻي جي سالن کان نه اچڻ ڪري ته نٿو اچي سگھي پر وري به ڪيٽي بندر شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ترقي آڻڻ لاءِ جيڪڏهن ڪي ڪوششون ورتيون پيون وڃن ته اهي ضرور پ پ جي حڪومتن ۾ ئي ڳڻائي سگھجن ٿيون .