منصور ابڙو

ڪنھن به صحتمند معاشري جي قيام لاءِ قومن جو صحتمند ھجڻ ضروري آھي. جڏھن قومون بيمار ھجن ۽ کين صاف کاڌو پاڻي مهيا نه ھجي ته اھي قومون ڪڏھن به ترقي نه ڪري سگھنديون آھن.
ترقيءَ جي ھن صفر ۾ جتي ڪيترائي ملڪ سائنسي بنيادن تي ڪم ڪري رھيا آھن انھن جي ڊوڙ۾ اسين تمام پوئتي بيٺل آھيون اسانکي ته اھا به خبر ناھي ته موسمي تبديلي تي اثرانداز ڪيئن ٿجي؟ موسمن مان ڪيئن فائدو کڻجي ڇاڪاڻ ته اسان ھڪ زرعي ملڪ سان تعلق رکون ٿا ۽ اسان جو تعلق زراعت کان وٺي موسمن جي ڦير گير تائين آهي ۽ انھن سڀني جو تعلق اسان جي صحت سان سڌو سنئون جڙيل آھي. اسان جنھن ملڪ ۾ رھون ٿا اھو ترقي پذير آھي مطلب ترقيءَ جي راھه تي هلندڙ آھي پر ترقي يافته اڃان به نٿو چئي سگھجي ڇاڪاڻ ته اسان نه ته زرعي انقلاب آڻي سگھيا آھيون نه ئي اسان ڪو پنھجي حڪومتي حصي جو ڪو وڏو ڪم سر انجام ڏئي ڪو نئون روپ وٺي سگھيا آھيون. نه اسان جي غذا صحيح آھي نه اسان وٽ علاج صحيح آھي نه اسان وٽ انفراسٽرڪچر ڪو بھتر آھي اسپتالن ۾ جيڪو اسان جي رھنمائي ڪري سگھي .
تازو ئي پاڪستان جي حڪومت ھڪ بين الاقوامي غير سرڪاري اداري يونيسيف ۽ آغا خان يونيورسٽي جي مدد سان پوري ملڪ م ھڪ غذائي حوالي سان سروي ڪرائي جنھن ۾ خبر پئي ته اسان جو ملڪ ڀلي زرعي ملڪ ھجي جتي ڀاڄيون فروٽ سبزي اسين دنيا کي وڪڻندا ھجون پر اسان پاڻ غذائي طورکوکلا ٿي چڪا آھيون. اسان ۾ اھڙي طاقت ناھي جو اسان جون مائرون پنھجي مقرر وقت تي پنھجي ٻارن جي ڊليوري ڪرائي سگھن يا ته اھو ٻار ڄمڻ کان اڳ مري وڃن ٿا يا اھي ٻار ڄمڻ جي ھڪ ڪلاڪ کان پوءِ مري وڃن ٿا يا اھڙين بيمارين ۾ گھيريل آھيون جو اسان جي عورتن جون جھوليون خالي ٿي وڃن ٿيون، نتيجو اھو نڪري ٿو ته معاشي سماجي بدحاليون ڪر کڻي نڪرن ٿيون جن جي ڌٻڻ مان اسان نڪري نٿا سگھون .
ايڊوليسينٽ ايج ۽ اينيميا يا رت جي کوٽ
اسان جو ملڪ ڀلي زرعي ملڪ ھجي پر اسان جي حڪمران کي خبر ناھي ته اسان جي ملڪ جو وڏي م وڏو حصو نوجوانن جوآھي ، ڪنھن به ملڪ جي ترقيءَ جي راھه ۾ وڏو ڪردار ان ملڪ جي نوجوانن جو ھوندو آھي، تقريبن اسانجي ملڪ ۾ اڊوليسينٽ عمر جون ڇوڪريون 53 سيڪڙو رت جي کوٽ جو شڪار آھن ، صحت جي عالمي اداري موجب اڊوليسينٽ اھا عمر جيڪا 9 کان 19 سالن تائين ھجي. جيڪڏھن اسان جي مستقبل جا آئيندا 53 سيڪڙُو تائين رت جي کوٽ جو شڪار ھجن اھي ترقيءَ جي راھه ۾ ڪھڙو ڪردار ادا ڪندا؟ نتيجو اھو نڪرندو ته رت جي کوٽ جو شڪار ماڻھو ھميشه ٿڪاوٽ جو شڪار ھوندو آھي ڪو به ڪم پنھجي صحيح وقت ۾ انجام ڏئي ناھي سگھندو، ڪم کان بيزاريءَ کان ويندي موت جي منھن ۾ اڪثر ھليو وڃي ٿو کيس خبر ئي ناھي ھوندي ته ھو ڪو ان بيماريءَ جو شڪار آھي. رت جي کوٽ جي ڪري اڪثر دل جي بيمارين ۽ حمل جي ناڪاري عنصرن کي به روڪي نٿو سگھجي، نتيجي ۾ يا ٻار اسپتال ۾ پھچڻ کا اڳ ئي مري وڃي ٿو يا مائرن ۾ ايتري سگھه ناھي جو اھو ٻار پڪن مھينن تائين روڪي سگھن، ٿئي ايئن ٿو جو اھو ٻار يا ته ضايع ٿي وڃي ٿو يا مسلسل بيماري رت وھڻ جھڙيون بيماريون ڪر کڻي بيھن ٿيون.
15 کان 49 سالن تائين جي ٻار پيدا ڪرڻ واري عمر جون عورتون ۽ رت جي کوٽ.
ايڊوليسينٽ ايج کان پوءِ وڏي ۾ وڏو عمر جو حصو 15 کان 49 سالن وارين عورت جو آھي جيڪي ٻار ڄڻين ٿيون. اھا اھڙي عمر جنھن ۾ عورتون ٻار ڄڻڻ جي قابل سمجھيون وينديون آھن ان۾ به 41 سيڪڙو عورتون رت جي کوٽ جو شڪار آھن. جڏھن ته 1 سيڪڙو شديد رت جي کوٽ کي منھن ڏئي رھيون آھن، آخر انھن مسئلن تي ڪير ڳالھائيندو؟ ڇا اسان صرف پنھجي حڪومتي ڀڃ ڊاھه ۾ پورا رھنداسين يا انھن تي به ڌيان ڏينداسين؟ اسان اسيمبلين ۾ جن ماڻھن کي نمائندگي ڏني آھي اھي سڄو ڏينھن مراد سعيد کي جواب ڏئي طنز ٽوڪ ڪري موٽي ٿا اچن. جيئي ھو، جيئي ھي، جيئي ڦلاڻو خان جيستائين ھي پنھجي قوم اٿئو تيستائين توھان به جيئندا نه ته توھان جي سڃاڻپ به ايتري ئي آھي جيتري توھان لنڊن جي برڪ لين ۽ ڪارنابي اسٽريٽ ۾ ڪنھن اجنبي وانگي ڪا شيءَ وٺي گھر موٽندا. بس توھان جو وجود ايترو ئي آھي ، توھانجي پويان ڊڪندڙ، سخت سيءَ ۾ نعرا ھڻدڙ اصل ۾ اھي سڀ پنھجن ملڪن ۾ ئي ڏسڻ وٽان ملنديون آھن، ڇاڪاڻ ته اھي ماڻھو اوھان مان اميد رکي ويھندا آھن توھان جي ڊگھين حياتين ۽ سلامتيءَ لاءِ دعائون گھرندا آھن، پر ياد رکو جيڪڏھن توھان پنھجي قوم کي ڊگھي غربت جي غلاميءَ مان نه ڪڍيو ته نسلن جو وڏو نقصان ٿيندو.
اسٽنٽنگ ۽ ويسٽنگ ريٽ اسان اھڙي ملڪ ۾ رھون ٿا جتان افغانستان لاءِ 50 ھزار ٽن ڪڻڪ تحفي طور موڪلي وڃي ٿي، جنھن ملڪ جا ٻار 42 سيڪڙو غذائي کوٽ جو شڪار آھن. اسٽنٽنگ انگريزي اصطلاح آھي جنھن جي معنيٰ آھي عمر جي مطابق قد نه ھئڻ ! اھو صرف اھڙن ملڪن ۾ ٿيندو آھي جتي جنگ جي حالت ھجي جتي ڏڪر ھجي اسان جا ٻار بک ۽ متوازن غذا نه ھجڻ جي ڪري اھڙي غذائي کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن جنھن جو نقصان اڳتي ھلي ظاھر ٿيندو. ھڪ طرف اھڙي صورتحال آھي ته ٻئي طرف ويسٽنگ ريٽس ڪجھه سٺا ناھن. ويسٽنگ ان کي چئجي ٿو ته اھي ٻار جن جو وزن قد مطابق نه ھجي . پوري پاڪستان ۾ 15 سيڪڙو اھڙا ٻار آهن جن جو وزن عمر مطابق ناھي پر جڏھن اسان ان جي تفصيل ۾ وينداسين ته سنڌ سڀني کان اڳتي آھي، يعني پاڪستان ۾ اھڙن ٻارن جو سيڪڙُو 15 پر جڏھن ڳالھه سنڌ جي ھجي انگ 23 سيڪڙُو ملي ٿو. اسان ڀلي ايٽمي ملڪ ھجون روز مخالفن کي اھڙا بيان ڏيندا ھجون ته ھاڻي جيڪا جنگ ٿيندي اھا اھڙي جنگ ھوندي جنھن ۾ نه گاھه ڦٽندو نه زمين زرخيز ٿيندي پر ھي صورتحال انھن جي آڏو اھڙي وقت سامھون آئي آھي جڏھن جنگ جو ماحول به ناھي، جيڪڏھن خدانخواسته جنگ ٿي ته پوءِ پنھنجي ماڻھن کي اھڙي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ شايد ڪي صديون لڳن يا ھميشه لاءِ پنھجي ماڻھن کي اھڙي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏين جنھن مان ھو پوري زندگي نه نڪري سگھن ۽ ھر لمحو اذيت بڻجي وڃي . وفاقي سرڪار ڀلي اھڙا قدم نه کڻي پر سنڌ حڪومت کي اھڙا اپاءَ ضرور وٺڻ گھرجن جنھن وسيلي اھڙا اھنج گھٽائي سگھجن. شديد غذائي کوٽ کي ڪيئن منھن ڏجي اھو ايندڙ وقت جو ھڪ سوال هوندو، ڏسون ته سنڌ حڪومت ڪھڙا اپاءَ ٿي وٺي يا روايتي طريقي سان وري ووٽ وٺڻ لاءِ شھيدن جو نالو استعمال ڪيو ويندو.سنڌ حڪومت کي اڳتي اچي اھڙا اپاءَ وٺي مستقل بنيادن تي ادارا قائم ڪرڻ گھرجن يا ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي