ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي ڪاليجن ۾استادن جي حاضري ۽ موجودگي جي جاچ توڙي شاگردن جي داخلائن لاءِ سينيٽرلائزڊ بايوميٽرڪ سسٽم ۽ سينٽرلائيزڊ داخلاپاليسي متعارف ڪرائي وئي، ان حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته ٻين ملڪن ۾ انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ سولو پر استاد ٿيڻ ڏکيو آهي، اسان وٽ ائين بلڪل ناهي. هن چيو ته مون کي ڪاليجن جي مسئلن جي ڄاڻ آهي، مسئلا پيدا ڪرڻ ۾ اسان جو پنهنجو ڪيترو هٿ آهي؟ انهي جو به علم آهي. ڪاليجن کان وڌيڪ اسڪولن جو وڏو چيلينج آهي، سمورا ڊائريڪٽر پنهنجن ريجنز جي تفصيلي رپورٽ تيار ڪري سيڪريٽري ڪاليجز کي پيش ڪن. هن چيو ته سياستدانن ۽ مٽن مائٽن جو استادن جي بدلين ۽ مقررين لاءِ وڏو دٻاءُ آهي. ڳوٺن جي ڪاليجن مان شهرن ۾ بدلي ڪرائيندڙ استاد قوم جي ٻارن سان ناانصافي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بدلين ۽ مقررين لاءِ سفارشون نه ڪرايون وڃن. اسانکي شهرن جيان ڳوٺن جا ڪاليج به هلائڻا آهن. سردار شاھ وڌيڪ چيو ته ايندڙ سال 2022 ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي جا سئو سال پورا ٿي رهيا آهن، انهي حوالي سان سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ آگاهي سيمينار، تقريري مقابلا ۽ ٻيون سرگرميون ڪرايون وينديون. ايندڙ سال دوران ڪوشش هوندي ته جنوري کان پورو سال صوبائي ۽ ملڪي سطح تي موهن جو دڙو جي بابت مختلف پروگرام ڪرايا وڃن،سال جي آخر ۾ يونيسڪو جي هيڊ ڪوارٽر پيرس ۾ اختتامي تقريب ٿيندي.