ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون: 2 ڏينهن اڳ بورڊ آف روينيو ۾ مقرر ڪيل ميمبر کي بدلي ڪري ثقافت واري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، تعليم کاتي جي سيڪريٽري کان اضافي چارج واپس ، ان حوالي سان سروسز کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بورڊ آف روينيو ۾ 2 ڏينهن اڳ مقرر ڪيل ميمبر (ڳوٺ آباد ) عبدالرحيم سومرو کي بدلي ڪري ثقافت کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري کان ثقافت کاتي جي سيڪريٽري واري اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18هين گريڊ جي احمد علي شيخ کي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊائريڪٽر ليگل مقرر ڪيو ويو آهي، جتان امير فضل اويسي کي بدلي ڪري اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري (ايڊمن) مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪب آباد جي اي ڊي سي 2 نواز ڪلوڙ کي بدلي ڪري اي ڊي سي ڪورنگي ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، جتان امير ميراڻي کي بدلي ڪري لاڙڪاڻي جي ڪمشنر آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر (جنرل) مقرر ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ستار هڪڙو کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر گلشن اقبال مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اي سي گلشن اقبال زاهد جوڻيجو کي بدلي ڪري اي سي روينيو (ڪياماڙي ) مقرر ڪيو ويو، اي سي گھوڙا ٻاري نظير ابڙو کي بدلي ڪري اي سي گلزار هجري اسڪيم 33 مقرر ڪيو ويو آهي، ٽنڊو محمد خان جي اي ڊي سي ون جاويد سومرو کي بدلي ڪري اي ڊي سي ون ايسٽ مقرر ڪيو ويو، جتان عبيد الله پهوڙ کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اسسٽنٽ ڪمشنر مشتاق جتوئي کي اي سي منگھوپير مقرر ڪيو ويو، جتان قادر کوکر کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل سيڪشن آفيسر شمشاد چانڊيو جون خدمتون صحت کاتي حوالي ڪيون ويون آهن، مڪاني ادارن واري کاتي جي 17هين گريڊ جي آفيسر نثار منگي کي لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ڊويزن جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو.