اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم ملڪي خراب معاشي صورتحال جي بهتري ۽ ڊالر جي قدر ۾ ٿيندڙ واڌ کي روڪڻ لاءِ غير ضروري ۽ لگزري شين جي امپورٽ تي فوري پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ به لگزري شين تي ڊيوٽيز ۾ سو سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي تياري شروع ٿي وئي آھي تفصيل موجب ڪالھه وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معيشت جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ معاشي طور مشڪل صورتحال مان ملڪ کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ ڊالر جي قيمتن ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ذريعن مطابق وزير اعظم شهباز شريف  ملڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي گهٽتائي واري بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ غير ضروري ۽ لگزري شين جي امپورٽ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، وزير اعظم واپار، ناڻي وزارت ۽ ايف بي آر کي هنگامي بنيادن تي غير ضروري ۽ لگزري شين جي لسٽ تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي ذريعن مطابق انهن شين جي لسٽ هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ تيار ٿي ويندي جنهن بعد فوري وزير اعظم جي منظوري سان امپورٽ پاليسي ۾ ترميم ڪري انهن شين جي امپورٽ تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي، وزير اعظم چيو ته هن معاشي صورتحال ۾ مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي غير ضروري ۽ لگزري شين جي امپورٽ تي خرچ ٿيڻ نه ڏينداسين ذريعن مطابق ناڻي ، واپار وزارت ۽ ايف بي آر پاران غير ضروري ۽ لگزري شين جي لسٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آھي، ذريعن مطابق امپورٽيڊ گاڏين، ڪارنيول جيپ، لگزري ٻيڙين، امپورٽيڊ موبائيل فون، قيمتي گهڙين ، مهانگي ڪاسميٽڪس جي شيون شامل ڪيون پيون وڃن جن جي امپورٽ تي فوري پابندي لاڳو ٿيندي جڏهن ته بجلي تي هلندڙ گهريلو سامان، بجلي پيدا ڪندڙ مشينري ، امپورٽيڊ ٽائيلس ،جي امپورٽ تي 50 سيڪڙو ڊيوٽي ۾ واڌ ڪرڻ جي به تجويز تيار ڪئي وئي آھي جڏهن  ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ به امپورٽيڊ گاڏين ، موبائلن ، گهريلو استعمال جي شين جي امپورٽ ڊيوٽي ۾ سو سيڪڙو تائين واڌ ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي  ذريعن مطابق  18 سو سي سي کان وڌيڪ گاڏين  ۽ موبائلن جي امپورٽ تي ڊيوٽي ۾ سو سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي پئي وڃي امپورٽ ٿيندڙ ٽائرن جي ڊيوٽي ۾ پنجاهه سيڪڙو ، امپورٽ ٿيندڙ گاڏين جي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ به 30 سيڪڙو واڏ ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي اسٽيل مصنوعات جي ڊيوٽي ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.