ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪي تاريخ ۾ ڊالر پهريون ڀيرو ڊبل سينچري هڻي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 201 رپين جو ٿي ويو، هڪ ڏينهن ۾ ملڪ تي قرضن جو بار 1700 ارب رپيا وڌي ويو. انٽربينڪ  ۾ به ڊالر 197 رپين کان وڌي ويو. مليل اطلاعن موجب ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪالهه ڊالر ملڪي تاريخ ۾ رڪارڊ مهانگو ٿيو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ پوڻا 3 رپيا (2.75 رپيا) اگهه ۾ اضافو ٿيو. ڪاروبار بند ٿيڻ تي رپئي جو اوپن مارڪيٽ ۾ اگهه 201 رپيا ٿي ويو. انٽربينڪ ۾ به ڊالر جي اگهه ۾ اضافو ٿيو ۽ هڪ وقت تي ان جي قيمت به 199 رپين تائين پهتي پر ڪاروبار ختم ٿيڻ تي ڊالر 2 رپيا 65 پئسا اضافي سان 198 رپيا 39 پئسا تي بند ٿيو. رپئي جي ملهه ۾ 1.34 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. هڪ ڏينهن اڳ انٽربينڪ ۾ رپئي جو اگهه 195 رپيا 74 پئسا هو، هڪ ڏينهن ۾ 2.65 رپيا مهانگو ٿيو. جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ 3 رپيا 85 پئسن جو اضافو ٿيو. برطانوي  پائونڊ جي اگهه ۾ ساڍا 7 رپيا اضافو ٿيو ۽ 235.5 مان وڌي 243 تي پهچي ويو. عرب امارات جي درهم جي قيمت ۾ به اڍائِي رپيا واڌ ٿي ۽ هڪ درهم وڪرو ڪرڻ جي قيمت 52.5 مان وڌي 55 رپيا ۽ سعودي ريال جي 50.6 مان وڌي 52.5 رپيا ٿي وئي. ريال جي قيمت ۾ هڪ رپيو 90 پئسن جي واڌ ٿي. نواز ليگ جي حڪومت اچڻ کان هيستائين ڊالر جي قيمت ۾ 15 رپيا 46 پئسا اضافو ٿي چڪو آهي.