لکي غلام شاھ (ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻورڙي واسي پيرسن عبدالله سيٺار کان بدنام ڏوهاري علي محمد  عرف ٽڪو گهراڻي جتوئي سارين جو فصل نه ڀيلائڻ عيوض 20 هزار منٿلي طلب ڪئي، پيرسن 20 هزارن بدران 4 هزار کڻي وڃي هيڻان حال ڏيکاريا ته ڏوهارين رقم وٺڻ بعد هٿيارن جي زور تي پيرسن عبدالله سيٺار سان انتهائي بداخلاقي واريون حرڪتون ڪري وڊيو ڀري، رهيل پئسا ڪجهه ڪلاڪن ۾ نه پهچائڻ جي صورت ۾ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني. پيرسن پاران جان ڇڏائڻ بعد باقي رقم  ڏين کان لاچاري ظاهر ڪرڻ تي ڏهاري علي محمد عرف ٽڪو گهراڻي جتوئي پاران پيرسن سان هٿيارن جي زور تي ڪيل بداخلاقي واري وڊيو وائرل ڪئي ويئي .ٻئي طرف ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته بدنام ڏوهاري علي محمد گهراڻي جتوئي مٿان رستم ۽ خانپور ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آھن هو سيٺار ۽ ٻين مختلف برادرين جي هارين ۽ ننڍن آبادگارن کان فصلن جي مند ۾ منٿلي مقرر ڪري وصول ڪندو آھي.