ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڀتي خوري ۾ ملوث لياري گينگ وار جا 2 جوابدار گرفتار، دستي بم هٿ، ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب پوليس لياري ۾ ڪارروائي ڪري لياري گينگ وار جي شيراز ذڪري گروپ جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن ۾ عبدالعزیز ۽ بلال شامل آهن، جن جي قبضي مان دستي بم ۽ 2 پستول هٿ ڪيا ويا، جوابدارن انڪشاف ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ بهار ڪالوني ۾ چمڙي جي هڪ واپاري کي ڀتي جي پرچي ڏني هئي، جن جا سي سي ٽي وي فوٽيج به موجود آهن جوابدارن پهرين مارچ تي کڏا مارڪيٽ ۾ دستي بم حملو ڪيو هو، جوابدار انتهائي سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن، کانئن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.