ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهيد بينظيرڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ غيرقانوني ڀرتين واري معاملي ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف جاچ مڪمل، ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ ڊرافٽ نيب هيڊڪوارٽر اماڻيو ويو، نيب جي عدالت کي آگاهي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ آغا سراج دراني طرفان داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر شهباز سهوترا عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ ڊرافٽ نيب هيڊڪوارٽر اماڻيو ويو آهي، ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت آغا سراج دراني ۽ جاويد ناگوري جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي