لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو سان ويجهو رهندڙ پي ٽي آئي اڳواڻ چنگيز خان ابڙو پنهنجي ويجهن ساٿين سميت پي ٽي آئي ڇڏي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جي رهائشگاهه تي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو . ان موقعي تي جميل احمد سومرو چنگيز ابڙو کي پيپلز پارٽي جو جهنڊو پارايو جڏهن ته ان سان گڏ شموليت ڪندڙن کي به جهنڊو پارايو ويو. جميل احمد سومرو چيو ته چنگيز خان ابڙو جي فيملي وارا اڳ پيپلز پارٽي ۾ رهيا آهن هاڻي هو پنهنجي اصل گهر ۾ آيو آهي اسين کيس پارٽي ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته چنگيز سان سٺا واسطا رهيا آهن ۽ اسين هڪ ئي شهر جا آهيون جن پيپلز پارٽي ۾ اچي سٺو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ عوام به عمران خان جي حڪومت مان بيزار آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۾ اڳ سيد اڪبر شاھه راشدي ۽ ٻين شموليت ڪئي جن کي اسين ڀليڪار چئون ٿا ۽ ٻيا به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا. ان موقعي تي موقعي تي شموليت ڪندڙ چنگيز خان ابڙو چيو ته منهنجو والد پيپلز پارٽي ۾ رهيو آھي جنهن جو وڏيون خدمتون آهن اسان پي ٽي آئي ۾ شموليت اختيار ڪئي پر پي ٽي آئي جي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافو ڪري ملڪ ۾ بيروزگاري جو طوفان آڻي تباهه ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن ۾ شموليت ڪرڻ بعد اسين تڪ جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيندا سين.