لعلورائنڪ: حيدري هيروز ڪرڪيٽ ميچ کٽي ورتي

0
335

لعلورائنڪ(رپورٽ:پرويز علي خاصخيلي)لعلورائنڪ ۾ حيدري سپر ليگ 3 جي ٽين رائونڊ ۾ حيدري هيروز ٽيم ميدان ماري ورتو. ان ڏس ۾ لعلورائنڪ ۾ حيدري سپر ليگ 3 جي ٽئين رائونڊ ۾ حيدري هيروز ۽ حيدري لائنس ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. حيدري لائنس پهريان کيڏندي مقرر 10 اوورن ۾ 130 رنسون ٺاهيون، حيدري هيروز جي فاسٽ بالر باسط مغيري 3 شڪار ڪيا. جواب ۾ حيدري هيروز جي ٽيم کي آخري بال 6 رنسون گهربل ھيون، باسط مغيري ڇڪو هڻي پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري، اهڙي ريت هن 76 رنز جي اننگز کيڏي.بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي باسط مغيري کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.