ڀٽ شاهه (رپورٽ: رجب بوزدار) لاکيڻي لطيف حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي مقرر اڪثر اهلڪار بدلي ٿي ويا آهن، جڏهن ته ھن وقت فقط 14 اهلڪار ڊيوٽي ڪرڻ لڳا آھن. ايس ايس پي مٽياري طرفان جاري ڪيل حڪم باوجود نوان اهلڪار ڊيوٽي تي نه پهتا آھن . درگاهه تان هٽايل 42 اهلڪار ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي رليو ٿي ويا آهن جڏهن ته انهن جي جاءِ تي نوان اهلڪار مقرر هفتو گذري وڃڻ باوجود به نه پهچي سگهيا آھن. درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي هن وقت رات ڏينهن صرف 14 اهلڪار ڊيوٽي تي موجودآھن. سيوهڻ ۾ ڌماڪي بعد سيڪيورٽي خدشن سبب درگاه ڀٽائي تي 100 جي لڳ ڀڳ اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا هئا، جن کي درگاهه جي داخلي گيٽن سميت چئوطرف مقرر ڪيو ويو هو. انهن مان ڪيترائي اهلڪار ۽ عملدار مختلف وقتن تي پنهنجون بدليون ڪرائي واپس هليا ويا هئا ۽ هن وقت تقريبن 60 جي لڳ ڀڳ آفيسر ۽ اهلڪار درگاهه تي مقرر هئا جن مان ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو پاران ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مختلف سببن جي ڪري 42 اهلڪارن کي هٽايو ويو هو ۽ انهن هٽايل 42 اهلڪارن جي جاءِ تي مختلف ٿاڻن مان نوان اهلڪار درگاه تي مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيوويوهو پر هٽايل اهلڪار مختلف ٿاڻن تي مقرر ٿي ويا آھن جڏهن ته درگاهه تي نون اهلڪارن جي مقرري هفتو گذري وڃڻ باوجود نـ ٿي سگهي آھي ۽ ايس ايس پي مٽياري جي حڪم باوجود نون 42 اهلڪارن درگاه جي ڊيوٽي نـ سنڀالي آهي فقط 14 اهلڪار ڊيوٽي ڪرڻ لڳا آھن جنهن سان درگاهه ڀٽائي تي سيڪيورٽي بابت خدشا به وڌڻ لڳا آھن.