سئي گئس (ن پ ا) سدا رنگ واھ جي پڇڙي جي آبادگارن افسر ويسر، لالڻ ويسر، رحيم بخش ويسر، نواب دين دستي، شاهن شنباڻي، جڙيل ويسر، قادر بخش ڪُٻر، رحيم بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چوڏهين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي عملدار منڍ جي آبادگارن کان رشوت وٺي پاڻي وڪرو ڪن ٿا، ڇهن مهينن کان پڇڙي ۾ پاڻي ناهي پهتو، منڍ جا آبادگار واھ کي بند ڪري هٿرادو ونجهيون هڻي غير قانوني پاڻي کڻي رهيا آهن.آبادگارن وزير اعلي سنڌ صوبائي وزير آبپاشي سنڌ چيف انجنيئر سکر کان گھر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي چوري ۾ ملوث بااثر منڍ جي آبادگارن ۽ نااهل آبپاشي عملي خلاف ڪاروائي ڪري فوري طور تي سدا رنگ واھ جي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي.