لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر ۾گهرو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي زال 4 ٻارن کي تيز ڌار اوزار جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ڳتيل آبادي واري علائقي شاهه بهارو ڪالوني ۾صبح سوير فتح علي مگسي گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گهر واري 4 ٻارن جي ماءُ عظميٰ مگسي کي گهر اندر تيز ڌار اوزار جا وار ڪري بيدريءَ سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو،  اطلاع  تي پوليس پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو،  ٻي طرف مقتولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن  مقتولا عورت جي والد محمد صديق مگسي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي عظميٰ پنهنجي ڀيڻ جي گهر شادي جي تقريب ۾ ويل هئي، جيڪا رات 4 وڳي بعد پنهنجي گهر پهتي ته ناٺي فتح علي مگسي کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد تيز ڌار اوزار جا وار ڪري منهنجي نياڻي کي قتل ڪيو آهي.  جڏهن ته حيدري ٿاڻي جي پوليس موجب ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، شروعاتي جاچ موجب ته عورت پنهنجي ڀيڻ جي گهر ۾ شادي تقريب ۾ ويل هئي جيڪا گهر دير سان اچڻ بعد مڙس سندس مٿان تشدد جو نشانو بڻائي ۽ منهن تي تيز ڌار اوزار جا وار ڪري قتل ڪيو.