روهڙي (ن پ ا) روهڙي ٿاڻي جي حد مان سکر بئراج جي گيٽ نمبر 62 مان 55 سالن جي شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ، لاش جي سڃاڻپ روهڙي واسي عبدالمجيد پٽ محمد رمضان ميمڻ طور ٿي، جيڪو روهڙي ڪمپليڪس گرائونڊ ڀرسان ڳوٺ احمد ڀٽو جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. مرحوم پي ٽي سي ايل جو رٽائرڊ ملازم ھو، وارثن موجب چار ڏينهن اڳ سکر مان پينشن وٺڻ لاءِ چئي گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو. اڄ درياءَ مان سندس لاش مليوآهي. فوتي جي ڀاءُ عبدالرزاق ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀاءُ جي گمشدگيءَ جو اطلاع روهڙي ٿاڻي تي به ڏنو هو. ھوڏانھن روهڙي پوليس موجب لاش تي تشدد جا نشان موجود آهي، ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. فوتيءَ جو لاش تعلقي اسپتال روهڙيءَ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مرحوم جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام برپا ٿي ويو.