لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گندي پاڻي جي کوهه مان همراهه جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن جي ڃاڻپ شهر واسي نشو واپرائيندڙ عمران شيخ طور ڪئي وئي، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو ته عمران نشو واپرائيندو هو جيڪو ٻه ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد واپس نه موٽيو، جنهن جو لاش هٿ آيو.