لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ مڏباهو جي رهواسڻ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا عورت طرفان پنهنجي مڙس سان گڏجي حساس ڪفالت پروگرام تحت وظيفو نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي عورت ضميران خاتون پنهنجي مڙس نياز چانڊيو سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان انتهائي غريب آهيون، ڪيترن ئي سالن کان وٺي مان ڪينسر جهڙي موضي مرض سان جنگ وڙهي رهي آهيان، غربت سبب علاج ڪرائڻ جي به سگھه نه آهي. هن چيو ته احساس ڪفالت پروگرام جي وظيفي جي رقم کان محروم ڪيو ويو آهي، عورت چيو ته وظيفي جي رقم بند ملڻ ڪري علاج نه ٿي ڪرائي سگهان، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي وظيفو ڏياري انصاف ڪيو وڃي.