ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) ٽنڊو رحيم خان ۾ چوپائي مال ۾ ڦڦڙي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. روزانو ٻاڪرو مال مرڻ لڳو آهي، جنهن ڪري ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آهن ن ڏس ۾ ٽنڊو رحيم خان جي ڳوٺ ساوڙو، بچل شاھ، شهڪ رودناڻي، ڇني شاھ حسن ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٻاڪرو مال ڦڦڙي سبب مرڻ لڳو آهي پر لائيو اسٽاڪ کاتو کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود ڪا به وئڪسينيشن نه ٿي سگهي آهي. ڪاڇي جي ڳوٺن ساوڙو بچل شاھ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين شاهنواز رودناڻي، روشن علي، محمد ياسين رودناڻي، علي شاهاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بار بار لائيو اسٽاڪ دادو جي آفيسر ڊاڪٽر آفتاب پٺاڻ کي شڪايتون ڪيون پر ملازم نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي وئڪسين ڪرائڻ کان کتو جواب ڏيئي انڪار ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ڦڦڙي جي بيماري سبب هلندڙ مهيني دوران 200 کان وڌيڪ ٻاڪرو مال مري ويو جڏهن ته ڪا به وئڪسين ناهي ٿي رهواسين پاران اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ترت ٻاڪرو مال ۾ وئڪسين ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.