لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسڻ 5 ورهين جي لاريب ڌيءَ محمد اسلم ڪنڀر گهر اندر راند کيڏي رهي هئي ته پکي مان اوچتو ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي وئي، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال پهتا، جتي ڊاڪٽرن پاران بيهوش ٻارڙي جي فوت ٿيڻ تصديق ڪئي، ان موقعي تي ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ هو ته ٻارڙي گهر اندر راند کيڏي رهي هئي ته هلندڙ پکي مان ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال پهچايو جتي فوت ٿي وئي آھي، ٻئي طرف اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. نينگري جي وارثن کي ايمبولنس نه ملڻ ڪري لاش رڪشا ۾ کڻائي روانا ٿي ويا.