لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو)لاڙڪاڻي ۾ نينگر معظم کي رائيس ڪئنال ۾ اڇلائڻ جو ڪيس سندس پيءُ غلام اڪبر کوکر جي فرياد تي سول لائين ٿاڻي تي گناهه نمبر 2021/65 قلم 302،  201، 69 پي پي سي تحت پنهنجي گهر واري ڪبريٰ ۽ سالي قادر کوکر مٿان داخل ڪرايو.فريادي موقف اختيار ڪيو ته هو پنهنجي پٽ معظم سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو جيڪا ڳالهه سندس ٻي گهر واري ڪبريٰ کي پسند نه هئي جنهن ڳالهه تان سالو قادر کوکر به ناراض هوندو هو.گهر واري قتل جي ارادي سان پٽ معظم کي رائيس ڪئنال ۾ وهندڙ پاڻي ۾ اڇلائي ماري خون ڪيو آهي. ٻئي طرف گرفتار عورت ڪبريٰ خاتون کوکر کي وومين ٿاڻي جي پوليس رمانڊ لاءِ پنجين سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ محمد صادق بروهي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت عورت کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ان بعد عدالتي حڪم تي وومين ٿاڻي جي پوليس عورت ڪبريٰ خاتون کي چانڊڪا اسپتال آندو جتي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ بعد عورت کي ليڊيز جيل منتقل ڪيو ويو. ان حوالي سان نينگر معظم کوکر جي پيءُ غلام اڪبر ٻڌايو ته مون کي 6 پٽ آهن معظم منهنجو 6 هون نمبر پٽ هو جنهن جو لاش گذريل رات دير سان رائيس ڪئنال مان مليو آهي. واقعي بابت حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته غلام اڪبر کوکر طرفان پنهنجي گهر واري ۽ سالي مٿان پٽ جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ عورت کي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کيس 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ وڌيڪ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد قادر کوکر جي ڳولا جاري آهي جنهن کان پڻ جاچ ڪئي ويندي جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن.