رتوديرو ( ن پ ا ) رتيديري ۾ ميڊيڪل سينٽر مالڪ منصور سهاڳ جي پراسرار موت وارو مامرو: پوليس پاران جاچ  دوران بيان قلمبند ڪرڻ بعد منصور سهاڳ جي گهرواري رخسانا سهاڳ پاران پوليس هراسان بابت داخل ڪرايل درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج رتوديرو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.درخواست گذار رخسانه سھاڳ جي وڪيل اشفاق ابڙو معرفت ڪورٽ ۾ پيش ٿي دليل ڏنا، جڏھن ته پوليس طرفان ايس ايچ او رتوديرو عدالت ۾ پيش ٿيو، پوليس جي معاونت لاءِ ايڊووڪيٽ انعام علي ابڙو دليل ڏنا، ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آھي. ، ان سلسلي ۾  درخواست گذار رخسانه سھاڳ جو چوڻ آھي ته مان عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آھي اميد ته انصاف ٿيندو، ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل تعلقه اسپتال جو ٽيڪنيشن پنھنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بدران اسپتال مان 3 مھينا موڪل وٺي شھر ڇڏي ھليو ويو آھي ، جڏھن ته ايس ايڇ او رتوديرو جو چوڻ آھي ته جاچ آخري مرحلي ۾ آھي سمورا ثبوت پڌرا ڪري ڪيس داخل ڪنداسين ۽ قبر ڪشائي جي اجازت پڻ وٺنداسين ، ڪنھن سان به نا انصافي نه ٿيندي ، ٻي طرف منصور سھاڳ جي فوتگي وقت سندس جي چڪاس ڪندڙ رتوديرو شهر جي مشھور دل جي ڊاڪٽر افضل اوڍو پوليس کي ڏنل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته مرحوم جي موت جو ڪارڻ دل جو دورو نه ھو.