لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) تعلقي رتوديري جي ڳوٺ ٺل جوڻيجو سان واسطو رکندڙ باهمٿ نوجوان ناري فريده مهر سال کان لاڙڪاڻي شهر جي اهم ڪاروباري مرڪز ريشم گلي ۾ ڪپڙن جو دڪان کولي ڪاروبار ڪري رهي آهي، کيس ڏسي خريداري لاءِ ايندڙ عورتن ۽ مرد کي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. ان حوالي سان ناري فريده مهر ٻڌايو ته مون ٻه سال اڳ سرسو جي ذريعي عورتن جي هنري سکيا جو ڪورس مڪمل ڪيو، جنهن بعد مون هنري سکيا کي ڪاروبار ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ رتوديرو تعلقي جي مختلف ڳوٺن سان واسطو رکندڙ 20 کان وڌيڪ عورتن کي گڏ ڪري صلاح ڏني ته هو گهر ويٺي روزگار ڪري سگهن ٿيون، جن پنهنجي هٿن سان ڀرت ڀريل ڪپڙا ۽ ٻيون شيون ٺاهيون ۽ بعد ۾ مون شهر جي اهم ڪاروباري مرڪز ريشم گلي ۾ 20 هزار رپيا ماهوار مسواڙ تي دڪان وٺي ڪاروبار جي شروعات ڪئي. هن ٻڌايو ته لاڪ ڊائون سبب مون کي تمام گهڻو مالي نقصان پهتو، ناري وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو ڏاڏو، چاچا ۽ ٻيا مائٽ ڪاروبار ڪرڻ جا مخالف هئا پر منهنجي والد منهنجي حوصلا افزائي ڪئي ۽ مون سان ڀرپور سهڪار ڪيو، هن چيو ته آءُ صرف پٺتي پيل عورتن کي معاشي طور مضبوط ڏسڻ چاهيان ٿي. فريده مهر ٻڌايو ته آءُ ٻهراڙي جي عورتن کي بغير وياج جي قرض فراهم ڪرڻ ۾ به مدد ڪندي آهيان، هن وقت سنڌ سرڪار ۽ اين جي اوز منهنجي مالي سهائتا ڪن جنهن سان هزارن جي تعداد ۾ ٻهراڙي توڙي شهري عورتون روزگار ڪري سگهن ٿيون.