حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٽنڊي ڄام واسين سميت مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. هٽڙي جي ڳوٺ شير محمد گوپانگ جي رهواسي عورتن، مردن، ٻاڙرن گهر ڊاهڻ خلاف 9هين ڏينهن به دانش گوپانگ، مجاهد گوپانگ، اصغر گوپانگ، قادر گوپانگ، بشير احمد گوپانگ ۽ سڪندر علي جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال جاري رکندي چيو ته بااثر امتياز گوپانگ بلڊر ۽ هٽڙي ٿاڻي جي پوليس سان گڏجي سندن هڪ درجن کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن معذورن پاران ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف 41هين ڏينهن به خالد سومرو، فاروق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. مسوڀرڳڙي جي صحافي علي رضا چنڊ ۽ سندس والد جي گرفتاري خلاف صحافين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ گهرڀاتين پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته صحافي علي رضا چنڊ ۽ سندس والد کي ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ جي هدايتن تي هٽڙي ۽ ٻڍاڻي ٿاڻي جي پوليس واٽر ٽوڙڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، ڪوڙو ڪيس فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. ٽنڊو ڄام جي علائقي مير ڪالوني جي رهواسين ناري جي اغوا جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف شاهنواز رتڙ، اسد علي، ياسين رتڙ، بابر شيخ، محمد عاطف، نويد احمد ۽ ٻين احتجاج ڪيو، هنن چيو ته 22 ڏينهن اڳ شيرين رتڙ کي عبدالرحمٰن عرف زبير رتڙ ساٿين سيمت اغوا ڪيو پوليس مک جوابدار عبدالرحمٰن عرف زبير رتڙ کي گرفتار نٿي ڪري. هوڏانهن ٽنڊو ڄام جي ڳوٺ حاجي دلي جان کوسو جي رهواسي ڀائرن نظير احمد کوسو، قربان کوسو، امام علي کوسو، نور حسن ۽ غلام حسين کوسو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندن ڳوٺ ۾ والد جي نالي تي 85 ايڪڙ زرعي زمين آهي، مرحوم ڀاءُ بشير جو پٽ سندن ڀائٽيو نديم والد ۽ والده کان سندن حصي واري زمين مان زبردستي حصو گهرڻ جي ڪوشش پيو ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زمين تي مبينا طور قبضو ڪندڙ سندن ڀائٽي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.