ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) اڳوڻي ايم اين اي ۽ جماعت اسلامي صوبي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ٿاڻي بولاخان پهچي ڪوهستان جي ڪلاسيڪل وڏيري سردار صالح محمد برهماڻي جي وفات تي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪئي. پريس ڪلب ٿاڻوبولاخان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪوهستان ۾ وڏا مسئلا آھن هتي عوام کي پيئڻ جي پاڻيء جي سهولت ناهي روڊ رستا نه آھن تعليم صحت جا مسئلا آھن بيروزگاري آھي غربت آھي جنهن لا۽ پريس ڪلب جا دوست هتان جي مسئلن کي کڻن لکن هن چيو اسرائيل فلسطين سان وڏو ظلم ڪري رهيو آھي جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا هن چيو ته ڪوهستان جي ماڻھن سان بحريا ٽائون جي آڙ ۾ وڏو ظلم ٿي رهيو آھي. صدين کان ويٺل ماڻھن کي زوريء پنهنجي ڌرتيء تان بي دخل ڪيو پيو وڃي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا هتان جي عوام سان جماعت اسلامي گڏ هوندي هن چيو ته اسان ٿر ۾ ڪم ڪريون پيا اسان هتي ڪوهستان ۾ به ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا هتان جو عوام اسان جو ساٿ ڏي ان موقعي تي جماعت اسلامي جي وفد پاران پريس ڪلب کي فرنيچر ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جڏھن تہ امتياز پالاري مجاهد سومار برفت نور محمد شورو حفيظ الرحمن خاصخيلي جاويد اقبال ٻيا ساڻس گڏ ھئا