لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو وارن جا ستايل شهري روڊن تي نڪري آيا، ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو، علامتي بک هڙتال. خبر موجب شهر جي غريب آباد، لطيف آباد ۽ ميراڻي محلي سميت ٻين علائقن جي رهواسين بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي رهواسين سرفراز ڪلهوڙو، بابر ڪلهوڙو، غلام حسين مگسي، بلال بروهي ۽ ٻين چيو ته غريب آباد، لطيف آباد، ميراڻي محلي سميت ٻين ننڍن وڏن پاڙن ۾ سالن کان هڪ ئي ٽرانسفارمر لڳل آهي، هنن چيو ته سوين رهواسي هر مهيني باقاعدگي سان بجلي جا بل به ادا ڪن ٿا. هنن الزام لڳايو ته ٽي ڏينهن اڳ سيپڪو لائين ممتاز جتوئي پنهنجي پرائيوٽ ماڻهن سان گڏجي پاڙي ۾ اچي ٽرانسفامر جون لنڪون لاهي ڇڏيون جنهن دوران وڏو ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد هو ٽرانسفارمر ٺاهي ڏيڻ جي 80 هزار رپيا رشوت گهري رهيو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ به مختلف وقتن تي ڄاڻايل لائين مين 40 کان 80 هزار رپيا طلب ڪري چڪو آهي. هنن چيو ته اڄ عيد آهي پر اسين بجلي کان محروم آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.