ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪورنگي سميت ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ پنهنجا فنڊ استعمال ڪندي شهرين جي سهولت لاءِ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي، صوبائي صلاحڪار لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته سنت ابراهيمي جي ادائيگيءَ دوران ڪراچي شهر ۾صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي. ڪالهه صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ڪورنگي ۽ اوڀر ضلعن جي مختلف علائقن جو دورو ڪري عيدالاضحيٰ کان اڳ ڪيل انتظامن ۽ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو، وقت سر ترقياتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏا ترقياتي منصوبا صوبائي حڪومت ڪرائي رهي آهي، جڏهن ته ننڍيون اسڪيمون ڊي ايم سيز ذريعي ڪرايون پيون وڃن.