ڪراچي ۾ سي ويو ڀرسان ڪنٽينرز سان ڀريل بحري جهاز سمنڊ ۾ ڦاسي پيو

0
521

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سي ويو ڀرسان ڪنٽينرز سان ڀريل بحري جهاز سمنڊ ۾ ڦاسي پيو، جهاز هينگ ٽونگ 77 سمنڊ ڪناري کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڦاٿل آھي، ڪي پي ٽي ۽ نيوي جون ريسڪيو ٽيمون روانيون ٿي ويون، اختيارين جو چوڻ آهي ته جهاز جي انجڻ خراب ٿي وئي هئي، جنهن بعد سامونڊي لهرن جي ڪري ڪناري تي اچي ويو، ڪراچي پورٽ تي جهاز کي ڪابه جاءِ الاٽ نه ڪئي وئي.