صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ رياض آباد واسي 40 سال جو شهزادو ميراڻي مبينا بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب سکر جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، وارثن جڙيل ميراڻي، شير علي ميراڻي، مائي بختاور، خورشيد بيگم اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي چيو ته اڪبر ميراڻي اسانجي گهر جي بجلي ڪاٽي ڇڏي هئي، شهزادو ميراڻي کي ٽرانسفارمر جي تار ٺاهڻ بهاني گهران وٺي وڃي، ٽرانسفامر کي ارٿ ڪري تار ٺهرائڻ بهاني کيس ماريو آهي، مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته انڪوائري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي صالح پٽ پوليس ٻڌايو ته ميراڻي برادري جا ماڻهو شهزادو ميراڻي جو لاش کڻي آيا هئا، جن کي لاش جي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي جو ليٽر ڏنو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.