لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتا زور ٿي ويا، وڌيڪ 11 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

0
210
سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي وات

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو وڌيڪ 11 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 41 ورهين جو آصف ، 6 ورهين جو احمد خان، 10ورهين جو شعيب ، 9 ورهين جو رحمان 60 ورهين جو پيرسن حاجي محمد موسيٰ ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم وئڪسين سينٽر تي منتقل ڪيو ويو جتي وئڪسين ڪرائي ڊاڪٽرن پاران کيس گهر اماڻي ڇڏيو آھي.