لاڙڪاڻو/مدئجي (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خبر موجب عيدالفطر جي ٻئي ڏينهن نئون ديرو ۾ جڳ چوڪ ڀرسان باءِ پاس تي تيز رفتار وين جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مدئجي واسي 20 سالن جو پورهيت ادريس چنو ۽ سندس دوست فيضان جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيا، ٻنهي ڄڻن کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ادريس چنو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻئي پاسي روڊ حادثن ۾ 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو، زخمين ۾ مسمات عابده، عبدالستار، محمد يونس ڀنڊ، نديم، علي بخش ، مشتاق، اسلم جمالي، باقر احمد، جنسار، نثار احمد، هدايت الله، حبيب الله، محبوب علي، گدا حسين ۽ ٻيا شامل آهن.