لاڙڪاڻو/سجاول (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۽ سجاول ۾ رولو ڪتن 39 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، خبر موجب لاڙڪاڻي ۾ 19 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ احسان، ڪاشف، فرحان، صدام ۽ ٻيا شامل آهن، سجاول شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇتي ڪتي مامو ماڇي، جمن، مجيد، جميل احمد، ڪرم الله، حاجي، جلال الدين، امتياز علي، محمد بخش، آچار، علي محمد، عبدالڪريم، گل محمد، مير حسن، خالد، عبدالغفور، شعيب سرواڻ، صديق، هاشم، اسد علي، سليمان، منيش ڪمار، احمد، محمد رمضان، مظفر ڀٽي سميت 30 شھرين کي ڏاڙهي وڌو. سمورن زخمين کي سول اسپتال سجاول مان ويڪسين ڪرائي گهر روانو ڪيو ويو.