قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو ڳوٺ غلام نبي کيڙو (لالو ڪوٽ) ۾ 12 ورهين نينگر فيضان علي سيال کي جوابدار مبينا طور سخت تشدد ڪري بدفعلي جو نشانو بڻايو، جنهن بعد نينگر جا وارث کيس دولتپور پوليس ٿاڻي تي کڻائي آيا، جتان پوليس جو ليٽر ملڻ بعد کيس دولتپور صفن اسپتال منتقل ڪيو ويو پر اسپتال ۾ نينگر طبي معائنو نه ٿي سگهيو، ان حوالي سان نينگر جي والد يار محمد سيال دانيهندي چيو ته پٽ کي جوابدار طالب راهو زبردستي موٽرسائيڪل تي کنڀي کڻي وڃي ڪمند جي فصل ۾ ڪپڙن کان آجو ڪري وحشياڻي تشدد بعد بدفعلي جو نشانو بڻايو آهي، هن ٻڌايو ته پٽ گهر کان نڪري برف وٺڻ ويو هو، جوابدار ظلم ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ايس ايس پي بينظيرآباد امير مسعود مگسي نينگري تي تشدد ۽ بدفعلي واري مامري جو نوٽيس وٺندي پوليس کان 24 ڪلاڪن اندر واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ايس ايس پي موجب مظلومن جي داد رسي ڪرڻ پوليس جو فرض آهي، جوابدار ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي سندس خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ايس ايس پي جي نوٽيس بعد پوليس نينگر جي پيءُ يار محمد سيال جي فرياد تي جوابدار طالب راهو خلاف ڪيس داخل ڪري ڪيس ۾ نامزد جوابدار طالب راهو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، وڌيڪ ڪيون پيا.