لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ويجهو بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ هٽڙي ڀرسان کوهه مان 50 ورهين جي اڌڙوٽ جو گولي لڳل لاش هٿ آيو هو، جنهن کي تعلقي اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو ويو هو، ان حوالي سان لاش جي سڃاڻپ ڳوٺ ملان ابڙو واسي پيرسن لاهوتي عرف عبدالغفور ابڙو طور ٿي آهي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پيرسن جي ڀاءُ لعل بخش ابڙو ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، بيگناهه ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي پاسي پوليس پوليس ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون، رپورٽ اچڻ بعد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.