لاڙڪاڻي ڀرسان مقابلو، 2 اھلڪار شھيد، 3 جوابدار مارجي ويا

0
466

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، ان سليل ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ آريجا ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، مقابلي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻئي پاسي ايس ايس پي جي پي آر او واقعي جي تصديق ڪري ڇڏي، پوليس موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي ٽيم گشت تي نڪتل ھئي، پي آر او موجب ڦر جي ارادري سان بيٺل ڏوھارين فائرنگ ڪري ڏني. ٻئي پاسي مقابلي دوران 3 جوابدار پڻ مارجي ويا، پوليس جو وڌيڪ چوڻ آھي تھ آريجا ٿاڻي حي حد ذڪريا سم شاخ وٽ مقابلي ۾ برڪت چاچڙ ۽ خالد ڪنگو شهيد ٿي ويا، مقابلي دوران 3 ڏوهاري مارجي ويا آهن، هڪ اهلڪار عبدالواحد چانڊيو به زخمي ٿي پيو آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آھي تھ 3ڏوھاري سم شاخ ۾ لڪيل آهن، مقابلو جاري آهي.