ڀان سيدآباد /سيوهڻ(نمائندا) ڄامشورو-سيوهڻ ڊبل روڊ جي تعمير ۾ سست رفتاري وارو معاملو مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد تائيين پهچي ويو. ان ڏس ۾ پ پ امي اين اي سڪندر راهپوٽو قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وفاقي وزير مواصلات مراد سعيد سان ملاقات ڪري کيس سيوهڻ ڄامشورو روڊ جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي آگاهي ڏيندي روڊ جون تصويرون پڻ ڏيکاريون. سڪندر راهپوٽو چيو تہ سيوهڻ ڄامشورو روڊ سنگل هجڻ سبب ٽرئفڪ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، گذريل 6 مهينن کان سيوهڻ ڄامشورو ڊبل روڊ جي تعمير جو ڪم بند پيل آهي، وفاقي حڪومت سيوهڻ ڄامشورو روڊ جي تعمير جلد مڪمل ڪري تہ جيئن انساني زندگيون بچي سگهن. ان موقعي تي وفاقي وزير مراد سعيد ايم اين اي سڪندر راهپوٽو کي چيو تہ سيوهڻ ڄامشورو ڊبل روڊ جي تعميراتي ڪم ۾ سست رفتاري جو نوٽيس ورتو آهي، لاڳاپيل عملدارن کان پڇاڻو ڪندس، سيوهڻ ڄامشورو ڊبل روڊ کي جلد مڪمل ڪنداسين،وفاقي وزير مراد سعيد پاران چيئرمين اين ايڇ اي کي ايم اين اي سڪندر راهپوٽي سان رابطو ڪري روڊ جو ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.