ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ ڪارنهن معاملي تان ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار ۽ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ اهلڪار عبدالصمد ابڙو، اختيار خاتون، عبدالغفار ابڙو، اختيار، عبدلڪريم ابڙو ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي تعلقه اسپتال ميروخان آندو ويو، جتان پوليس اهلڪار کي لاڙڪاڻي نيو ويو. واقعي بعد هڪ ڌر جي مردن ۽ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو، جيڪو پوليس جي مداخلت بعد ختم ڪيو ويو. پوليس اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.