لاڙڪاڻو: پي ٽي آءِ ليديز ونگ جي اڳواڻ تي نوڪري وٺي ڏيڻ بهاني 15 لک ڦٻائڻ جو الزام

0
222

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آء ليڊيز ونگ اڳواڻ پاران مبينا طور نوڪري وٺي ڏيڻ جي بھاني شھري کان 15 لک روپين جو فراڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. الله آباد محلي جي رھواسي اصغر علي بگٽي پي ٽي آء ليڊيز ونگ جي اڳواڻ انيلا چنگيز ابڙو پاران فراڊ ڪرڻ خلاف معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪيو، هن الزام لڳايو ته انيلا نوڪري وٺي ڏيڻ لاء مونکان 15 لک روپيا ورتا پر نوڪري نه ملي، هاڻي پيسا به واپس نٿي ڪري. هن چيو ته انيلا کي ڏنل چيڪ جا فوٽو سميت ٻيا ثبوت به موجود آهن، نوڪري وٺي ڏيڻ بھاني فراڊ ڪيو ويو، هاني پيسا گهرڻ تي موتمار ڌمڪيون پئي ڏي.