لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻو تعلقي ٿاڻي جي پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ مارجي ويل ٻن ڌاڙيلن جي سڃاڻپ عرفان ولد پير بخش شيخ ۽ مجيب الرحمٰن ولد محمد عالم کوسو طور ٿي آهي، جوابدار لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ڪراچي، خيرپور ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ سنگين نوعيت جي ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث هئا.ايس ايس پي موجب عرفان شيخ مٿان خيرپور ضلعي جي برادي جتوئي، سوڀو ديرو، شهيد بينظير آباد ضلعي جي ايئرپورٽ سٽي، لاڙڪاڻي جي دڙي، سول لائين، حيدري، تعلقي ۽ رشيد وڳڻ ٿاڻن تي 12 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. جڏهن ته مجيب الرحمٰن کوسو مٿان لاڙڪاڻي جي بقاپور، تعلقي، ڪراچي جي شاهه لطيف ۽ اسٽيل ٽائون ٿاڻن تي 9 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.ڌاڙيلن جا لاش چانڊڪا اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. تعلقي ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس پڻ مارجي ويل ڌاڙيلن مٿان داخل ڪيو ويو. پوليس موجب عرفان شيخ لاڙڪاڻي جي ممتاز ڪالوني جو رهواسي هو. جنهن جو لاش سندس چاچي اميربخش عرف ميرل شيخ وصول ڪيو. جڏهن ته مارجي ويل ڌاڙيل مجيب الرحمٰن کوسو ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ لونگ کوسو جو رهواسي هو جنهن جو لاش سندس چاچي علي محمد کوسو وصول ڪيو آهي.