لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پنجاب کان عورتون آڻي پئسن عيوض سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪري پرڻائڻ واري معاملي ۽ مبينا اغوا بعد نڪاح مٿان نڪاح واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي دارالامان حوالي ڪيل سيالڪوٽ جي علائقي کهيوا واسڻ عورت زنيرا حامد جي امڙ مسمات فرحت حامد باجوه لاڙڪاڻي پهچي پنهنجي ڌيءُ زنيرا حامد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران عورت زنيرا پنهنجي امڙ سان گڏ وڃڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو بعد ۾ عورت زنيرا حامد جي امڙ سندس حوالگي بابت پنهنجي وڪيل معرفت ڇهين ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جي ٻڌڻي ايندڙ جمعي تي ٿيندي. هوڏانهن نڪاح مٿان نڪاح واري معاملي ۾ گرفتار غلام شبير ڪلهوڙو اڃا تائين پوليس حراست ۾ آهي جنهن مٿان ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.