ماتلي/ ٽنڊو غلام علي (نمائندن وٽان) ٽنڊو غلام علي شھر جي عبدالرحيم کوسو ڪالوني جي رھواسڻ 16 ورھين جي ممتا باگڙي جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جنھن ۾ ھن جو چوڻ ھو ته سندس پيءُ جلال ھن سان مبينا جنسي زيادتي ڪندو رھيو آھي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار نوٽيس وٺندي ٽنڊو غلام علي پوليس حڪم جاري ڪيو ته نينگري جي پيءُ کي گرفتار ڪري معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، پوليس نينگري جي پيءُ جلال کي پوليس بغير جاچ ڪرڻ جي گرفتار ڪري ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ نينگري کي پوليس ڪسٽڊي ۾ ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي آندو ويو، ٻئي طرف ممتا جي ڪيس ۾ فريادي سندس پاڙي جو پيرل شاھ ٿيو آھي ۽ پوليس ناري جو نه ميڊيڪل ڪرايوويو نه ئي کيس ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو ويو، پوليس معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ جڏھن نينگري کي ماتلي جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ته عدالت کي متاثر نينگري بيان ڏيندي ٻڌايو ته مونسان پيءُ زيادتي نه ڪئي آھي ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ڪوڙي آھي ۽ مون کي پيءُ سان گڏ رھڻ جي اجازت ڏني وڃي، بيان بعد عدالت نينگري ممتا کي سندس والد سان رھڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي ۽ نينگري جي پيءُ جلال خلاف داخل ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏيندي کيس بري ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته ڪوڙوڪيس داخل ڪرائيندڙ پيرل شاھ خلاف پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي، هوڏانهن نينگري ممتا ٻڌايو ته مون کي ويڊيو ۾ پيءُ خلاف بيان ڏيڻ لاءِ پيرل شاھ چيو ھو.