ملير (رپورٽر) ميمڻ ڳوٺ پوليس ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جوابدار پنهنجي گهر واري ۽ نوجوان جي قتل بعد روپوش ھو، رپورٽ موجب پوليس ميمڻ ڳوٺ جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٻن قتلن جي مک جوابدار مير هزار لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار 5 مهينا اڳ پنهنجي زال 60 ورهين جي مسمات حياتان کي قتل ڪرڻ بعد 4 ڏينهن اڳ الله بخش پٽ الهرکيو کي قتل ڪرڻ بعد روپوش ٿي ويو هو، واقعي جي ايف آءِ آر ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي مير هزار لاشاري، خادم حسين ۽ ظھور احمد خلاف داخل ٿيل هئي.