لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي، حڪومت قلم 144 لاڳو ڪري رينجرز کي طلب ڪري ورتو

0
186

لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي،

لاهور: عمران خان پاران اڄ ريلي ڪڍڻ واري اعلان بعد پنجاب جي نگران سرڪار لاهور ۾ ٻيهر قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ رينجرز به طلب ڪئي وئي آهي

پنجاب جي سڌ سماءَ واري نگران وزير عامر مير چيو آهي ته لاهور ۾ اڄ پي ايس ايل جي هڪ ميچ، ميراٿن ۽ سائيڪل ريس جا ايونٽ ٿي رهيا آهن، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ قلم 144 لڳايو پيو وڃي، انتظاميا پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ڳالهائي ريلي جي تاريخ اڳتي ڪرڻ لاءِ چيو آه

 ذريعن موجب پنجاب سرڪار ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ رينجرز کي به طلب ڪري ورتو آهي، عمران خان اڄ منجهند 2 وڳي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو هو

لاہور میں پی ٹی آئی کی ریلی، حکومت نے دفعہ 144 نافذ کرکے رینجرز طلب کرلی

تحريڪ انصاف ريلي جي اجازت لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، پي ٽي آءِ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ قلم 144 جي نفاذ کي ڪالعدم قرار ڏيندي ريلي ڪڍڻ جي اجازت ڏئي

عمران خان جي هدايت تي بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي ريلي تي قلم 144 لڳائڻ غير قانوني آهي، پنجاب سرڪار قلم 144 نافذ ڪري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي

 پي ايس ايل جي ميچ کي جواز ڄاڻائي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي ريلي ۽ پي ايس ايل ميچ جو روٽ مختلف آهي، پي ٽي آءِ جي ريلي 5 وڳي ختم ٿيندي جڏهن ته پي ايس ايل ميچ 7 وڳي شروع ٿيندي، ياسمين راشد به ريلي جي اجازت لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

نگران وڏي وزير محسن نقوي جو ڪم اليڪشن ڪرائي گهر وڃڻ آهي: شيرين مزاري