لاهور ۾ زال مڙس جو هٿ پير ٻڌل لاش هٿ

0
218

لاھور (بيورو رپورٽ) لاهور جي علائقي سزه زار جي هڪ ڪالوني ۾ گهر مان زال مڙس جو هڪ ڏينهن پراڻا لاش مليا آهن، پوليس موجب زال مڙس کي تيز اوزار قتل ڪيو ويو، مقتولن جي سڃاڻپ 60 سالا انيس الدين ۽ 45 ورهين جي ناصره بي بي جي نالن سان ٿي آهي، پوليس موجب مقتول انيس جي پهرين زال وفات ڪري چڪي هئي ۽ ناصر ه هن جي ٻي زال هئي جنهن مان ڪو به الاد نه هو، جڏهن ته مقولت جي پهرين زال سان ٻن پٽن جو اولاد آهي جيڪي انگلينڊ ۾ رهن ٿا، پوليس موجب واردات جو پتو ان وقت پيو جڏهن پهرين گهر واري جو ڀاءُ سيد مصطفيٰ جواد گهر جي اندر آيو ته هڪ ڪمري ۾ ٻنهي جا لاش پيل هئا ۽ هٿ پير ٻڌل هئا.