پاڪستان فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت کي انساني حقن جِي بدترين ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو

0
253

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت کي انساني حقن جِي بدترين ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو، نمازين تي تشدد ۽ گولا باري تي ڳڻتي ظاهر، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن کان صورتحال تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسرائيل هٿين خالي فلسطينين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي، پاڪستان، سعودي عرب، قطر، ترڪي سميت ٻين ملڪن سان رابطو ڪري صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي، وزير اعظم او آءِ سي جَي سيڪريٽري جنرل آڏو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي: اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شاهه محمود قريشي چيوته وزير اعظم جو سعودي عرب جو دورو غير معمولي هو، جنهن جا ڪجهه ڏينهن اندر نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا.