ڪنوار2 جو کوڙو نه ٻڌائڻ تي شادي ملتوي ڪري ڇڏي

0
304

لکنو (دلچسپ نيوز) ڪنوار2 جو کوڙو نه ٻڌائڻ تي شادي ملتوي ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر لکنو ۾ ڪنوار گهوٽ کان 2 جو کوڙو ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي. گهوٽ کوڙو ٻڌائي نه سگهيو سندس ناڪامي تي ڪنوار مالها پارائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ منڊپ تان پڻ هيٺ لهي وئي. ڪنوار جي ڀاتين کيس راضي ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هو انڪار ڪندي رهي ۽ ڪابه ڳالهه نه مڃي جنهن بعد ٻنهي خاندانن شادي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڪنواريتا ڄڃ وٺي واپس ٿي ويا.