قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اِن ڪئمرا اجلاس

0
312

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اِن ڪئمرا اجلاس، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، وفاقي ڪابينا جا ميمبرز، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ، قومي اسيمبلي هال ۾ وڏيون اسڪرينون نصب ڪيون ويون، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ طرفان ملڪ جِي اندروني، افغانستان، ڀارت ۽ ڪشمير صورتحال تي سياسي قيادت کي بريفنگ ڏني ويندي.جڏھن تھ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا بھ پارليامينٽ پھچي ويو آھي.