اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدي تحت پيش ڪيل قرارداد تي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي احتجاج، گوڙ، نعريبازي، ڊپٽي اسپيڪر جو گهيراءُ، حڪومتي ميمبرن به پنهنجي ئي حڪومت کان فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، هنگامي جي صورتحال ۾ فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ بابت پيش ڪيل قرارداد جي منظوري کان اڳ ئي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ اعلانيل مدت تائين ملتوي، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، ايم ايم اي جا ميمبر سيٽن تي بيهي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳا، ڊپٽي اسپيڪر اپوزيشن جي مطالبي کي نظر انداز ڪندي سوالن جوابن جي ڪارروائي شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن حصو وٺڻ کان انڪار ڪندي بدستور ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪندا رهيا، اپوزيشن ميمبرن اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، شاهد خاقان عباسي، اڳوڻو اسپيڪر اياز صادق، سيد نويد قمر، حنا رباني کر، احسن اقبال، مولانا اسعد محمود ۽ ٻين جي ڊپٽي اسپيڪر هڪ به نه ٻڌي، جنهن کان پوءِ مخالف ڌر جي ميمبرن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سيٽن تان اٿي ڊپٽي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري ورتو، جتي مخالف ڌر جي ميمبرن نعريبازي شروع ڪئي، ڪراچي مان پيپلزپارٽي جو چونڊيل ميمبرن آغا رفيع الله جو چوڻ هو ته اوهان منافقت ڪري رهيا آهيو، جنهن کان پوءِ مخالف ڌر جا ميمبر ختم نبوت، تاجدار ختم نبوت زندهه آباد، نبي جا غلام آهيون جا نعرا لڳائيندا رهيا، پيپلزپارٽي جو راجا پرويز اشرف وڏي آواز سان چوندو رهيو ته اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، هي قومي مامرو آهي، سوالن جوابن جي ڪارروائي کي ڇڏيو وڃي، ائين مخالف ڌر جو گوڙ، احتجاج ۽ نعريبازي جاري هئي ته هڪ درجن جي قريب ميمبر به پنهنجي سيٽن تان اٿي ڊپٽي اسپيڪر جي ڊائيس سامهون پهچي ويا، جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي فرانس جي سفير کي پاڪستان مان ڪڍيو وڃي ۽ ٻيا نعرا لکيل هئا، حڪومتي ميمبرن ۾ پي ٽي آءِ جو نور عالم خان، خان محمد جمالي، خالد مگسي، چوڌري طاهر اقبال، راجا خرم نواز ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا، هنگامي جي صورتحال ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدي تحت قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ بابت قرارداد تي بحث ۽ ان جي منظوري کان سواءِ ئي اجلاس اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ پيپلزپارٽي جي راجا پرويز اشرف، نفيسا شاهه، ناز بلوچ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تحريڪ لبيڪ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو فيصلو غلط هو، اڄ حڪومت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو، هن چيو ته حڪومت پهريان تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائي ۽ پوءِ ان سان ئي ڳالهيون ڪيون، حڪومت هٿين خالي ماڻهن کي ماريو آهي، ان جو جواب گهرڻ پئي چاهيوسين، هن چيو ته حڪومت وٽ اختيار آهن جيڪي استعمال ڪري هو فرانس جي سفير کي ڪڍڻ بابت پنهنجو فيصلو ڪري، مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻ به گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، شاهد خاقان عباسي چيو ته اسٽي آرڊر تي ميمبر بڻيل ڊپٽي اسپيڪر کي ايوان جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ ڪرسي تي ويهاريو ويو، هن چيو ته ناموس رسالت تي ايوان اندر ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي ته وري چوندس ته اهو ئي ٿيندو جيڪو گذريل ڪجهه ڏينهن پهريان اجلاس ۾ ٿيو، هن مطالبو ڪيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻيهر طلب ڪيو وڃي، احسن اقبال چيو ته اسان مطالبو ڪيو هو ته فرانس جي سفير کي ڪڍڻ واري مامري تي رياستي پاليسي بابت وزيراعظم، پرڏيهي وزير، گهرو وزير ۽ آءِ ايس آءِ جو سربراهه ايوان کي بريفنگ ڏين، سوالن جا جواب ڏيڻ بجاءِ حڪومت ايوان ۾ راهه فرار اختيار ڪئي، اسان سينيئر صحافي ابصار عالم تي ٿيل حملي ۽ چيني سفير جي بلوچستان ۾ موجودگي وقت ٿيل ڌماڪي بابت سوال ڪرڻ پئي چاهيا، ناموس رسالت واري مامري تي ڳالهائڻ پئي چاهيو پر اسان کي موقعو نه ڏنو ويو، جي يو آءِ جي مولانا اسعد محمود چيو ته هڪ طرف وزيراعظم اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته عالمي فورم تي ناموس رسالت بابت مون کان وڌيڪ ڪنهن نه ڳالهايو آهي، ٻئي طرف نجي ميمبر کان قرارداد پيش ڪرائي حڪومت عالمي سطح تي ان قرادادکان لاتعلقي ظاهر ڪري رهي آهي، قوم کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي.