ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪري وفاقي سرڪار جي سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن، امن امان جي صورتحال، عوامي فلاح ۽ بهبود سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ سمورن سياسي نمائندن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت عوامي مسئلن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، عوامي فلاح ۽ بهبود لاءِ وفاقي حڪومت پاران کنيل قدم انهي جو ثبوت آهن.