سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطار) عظيم صوفي بزرگ حضرت سخي لعل شھباز قلندر جي 771 ھين سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون ٻئي ڏينهن تي به جاري رھيون ۽ لکين پانڌيئڙا قلندر جي نگري سيوھڻ جي شھر اندر ترسيل آھن، عوام پاران شھر جي ھر گھٽي ۽ آستاني تي قلندري محفلون سجائڻ واري سلسلي کي قائم رکندي پنجاب کان پھتل فنڪارن کي پنھنجي رھائشگاھن تي گھرائي قلندري ڌمالن ۽ وڏن دھلن ۽ شرنائين تي رقص ڪري عقيدت مندي جو اظھار ڪيو پيو وڃي. جڏھن ته لعل شھباز جي ميلي ۾ ملڪ جي مختلف شھرن کان آيل پانڌيئڙا پنھنجي من جون مرادون پوريون ٿيڻ بعد ھڪ سئو فٽن جون وڏيون ۽ ڊگھيون چادرون ۽ قلندر لعل شھباز جا تاج کڻي مزار اندر زيارت ڪري پنھنجي ۽ خاندان خوشحالي لاء دعائون گھرڻ جو سلسلو جاري آھي ان ڏس ۾ پنجاب ۽ سنڌ صوبي جي مختلف شھرن لاھور، ملتان، ميانوالي، ڪراچي حيدرآباد، سکر لاڙڪاڻي ۽  ٻين شھرن کان ميلي ۾ پھتل زائرين جو چوڻ آھي ته حضرت لعل شھباز قلندر جي ميلي ۾ اچڻ سان دلي ۽ روحاني سڪون ملي ٿو ۽ گذريل 25 سالن کان قلندر جي حاضري ڀري من جون مرادون پوريون ٿيڻ لاء ھتي اچون ٿا ۽ خالي جھوليون ڀري وڃون ٿا ديوانن مھانگائي واري سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ڌمال واري انداز ۾ ڳائيندي ٻڌايو ته” غريب ھين ڪيا ھوا روٽي ڪچھ ڪم کائينگي لال پي جائينگي” اسان کي ان شي جي پرواھ ئي ناھي مھانگائي ڪيتري به اچي پر اھو سلسلو رڪجڻ جو ناھي ۽ اسان ميلي تي ايندا رھنداسين. ٻئي طرف ڪالھ ميلي جي ٻي ڌمال تي مولچند جي مڪان تان ديوان رامچند جي خاندان پاران قلندر شھباز جي ميندي کڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي. عرس پهرين رات شهباز آڊيٽوريم سيوهڻ ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي ۽ روايتي محفل سگهڙن جي ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جو مهمان خصوصي چئرمين شهباز ميلا ڪميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو  ڪيئپٽن ريٽائرڊ فريدالدين مصطفي هو. سگهڙ  خليل مهيسر ، عاجز رحمت الله لاشاري ، ممتاز علي عباسي، فقير فياض مهيسر، خليل الرحمان مهيسر، غلام اصغر ناريجو، ڀٽائي ڏنو ڀنڀرو، محمد نواز چنا، ارشاد علي ارضائي، عاشق آرائين، علي حسن سولنگي، روشن علي ڪوري، محمد حسن هڪڙو، حاڪم علي ڪوري، اعجاز علي ڪلهوڙو،   کان علاوه ڪافي سگهڙن لوڪ ادب جون مختلف صنفون پيش ڪيون  جنهن ۾ ڏور بيت، سينگار، ڳجهارت، ڏهيس وغيره شامل آهن. جڏهن ته انور ساگر ڪانڌڙو اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏنا.  سگهڙ ڪچهري دوران سنڌ جي  مشهور فنڪارن  ۽  جئي رام جوڳي مرلي تي لوڪ ڌنون ٻڌائي سامعين کان  خوب داد وصول ڪيو ۽ اها تقريب رات دير  تائين جاري رهي. عرس ۾ پاڪستان مان آيل مختلف ملهه پهلوان زور آزمائي ڪري خوب داد وٺندا رھيا ملاکڙي ۾ پهلوان زور آزمائي وسيلي پنهنجي طاقت جا مظاھرا ڏيکاريا جنھن ۾ ملھن جانٺو، پاسو، قينچي، ٻچي ۽ ملهه جا ٻيا گر استعمال ڪندي حريفن سان مهاڏو اٽڪائيندي شاندار راند پيش ڪئي.  هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪندي 8 مشڪوڪ افغاني کي گرفتار ڪري نامعول هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل 16 ڄڻن سميت 8 افغانين کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.  ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي سيڪيورٽي جي انتظامن کي سرانجام ڏئي رهي آهي 8 مشڪوڪ غيرملڪي افغاني گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته 16 ڄڻا مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا جن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.