سيوھڻ: حضرت لال شھباز قلندر رحه جي 771 ھين عرس مبارڪ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء چيئرمين شھباز ميلا ڪميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن (ر) فريدالدين مصطفي عرس مبارڪ جي مختلف ھنڌن جا دورا ڪيا ڊي سي ڄامشورو پاڪ نيوي جي ايس ايس ڊي ڪمانڊوز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ محمد اقبال جنڊاڻ سان بوٽ ذريعي ڇنڊڻ موري جو معائنو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڇنڊڻ موري تي آيل زائرين کي اپيل ڪئي ته ڇنڊڻ موري ۾ وھنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي ھن ايندڙ زائرين کي ڄاڻ ڏني ته ڇنڊڻ موري تي ضلعي انتظاميا پاران شاور لڳايا ويا آھن ان ڪري ڇنڊڻ موري ۾ وھنجڻ جي ڪنھن کي به اجازت نه آھي.

سيوھڻ:  لعل شھباز قلندر جي نالي سان منسوب لعل باغ ۾ قلندر جو پانڌيئڙو بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿي ويو جنهن بعد ۾ فوتي جي لاش کي سيد عبدالله شاه انسيٽيٽوٽ آندو ويو جتي ڪرنٽ ۾ فوت ٿيندڙ جي سڃاڻپ پنجاب مظفر ڳڙھ واسي ابوبڪر ولد غلام نازڪ بلوچ طور ڪئي وئي بعد ۾ ضروري ڪاروائي کانپوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.